راشدي بديع الدين شاهه

راشدي، بديع الدين شاهه: سيد بديع الدين ولد سيد احسان علي شاهه راشدي 12 مئي 1926ع تي ڳوٺ پير جهنڊي، تعلقي هالا، ضلعي مٽياريءَ ۾ جنم ورتو. پاڻ مشهور عالم، محدث ۽ مفسر ٿي گذريو آهي. سندس تعلق مشهور راشدي خاندان سان آهي. سندس نسب جو سلسلو سيد محمد راشد روضي ڌڻيءَ سان ملي ٿو. هن ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ جي مدرسي ’دارالرشاد‘ ۾ حاصل ڪئي. جتان قرآن شريف سان گڏ سنڌي، فارسي ۽ عربيءَ جي تعليم جي تڪميل ڪيائين. قرآن پاڪ جي ترجمي، تفسير، حديث، فقھ وغيره جي تعليم مولانا عبدالغفور وٽ حاصل ڪيائين. هيءُ قرآن پاڪ جو حافظ به هو. هن 1988ع ۾ ’جمعيت اهلحديث سنڌ‘ جو بنياد وڌو، جنهن جو تاحيات امير رهيو. پاڻ ڪجهه وقت سعودي عرب حڪومت جو خاص صلاحڪار به رهيو. بديع الدين شاهه راشديءَ کي حديث بابت وڏي ڄاڻ هئي، پاڻ عالم، مفسر هجڻ سان گڏ سٺو خطيب به هو، سندس تقرير ۾ وڏو اثر هوندو هو. هن عربي، اردو ۽ سنڌيءَ ۾ ڪيترا ڪتاب لکيا، جن مان ڪي ڇپيل ۽ ڪي اڻڇپيل آهن. سندس سنڌيءَ ۾ لکيل قرآن پاڪ جو تفسير ’بديع التفاسير‘ مشهور آهي، جنهن جا ست جلد ڇپجي چڪا آهن. ان کانسواءِ سندس ڇپيل ڪتابن ۾: ’عوام جي عدالت ۾‘، ’تحفه نماز مغرب‘، ’توحيد رباني‘، ’هر برائيءَ جو علاج جهاد‘ ۽ ’حجة الوداع‘ وغيره شامل آهن. پير بديع الدين شاهه راشدي 8 جنوري 1996ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1926.05.12  عيسوي

سيد بديع الدين ولد سيد احسان علي شاهه راشدي 12 مئي 1926ع تي ڳوٺ پير جهنڊي، تعلقي هالا، ضلعي مٽياريءَ ۾ جنم ورتو.


1996.01.08  عيسوي

پير بديع الدين شاهه راشدي 8 جنوري 1996ع تي وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

چوئٿرام گدواڻي ڊاڪٽر
دادا ڀائي ڦالڪي
ايس آر راءُ
اقبال احمد انصاري ڊاڪٽر
حسين حقاني
عمراڻي گل محمد
مظفر ڀٽو
علي ڏنو جروار
لياقت علي جتوئي
خالد وسير
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون